ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ثقافتي ڏهاڙي تي ريلي ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري پوليس موبائل ۽ پوليس اهلڪارن سان جهيڙو ڪندڙ کي سائوٿ زون پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان گرفتار ڪري ورتو آهي ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن ۾ عبدالصمد سنڌي ۽ ساجد خاصخيلي جو ڪرمنل ريڪارڊ موجود آهي ،عبدالصمد سنڌي نوابشاهه جو رهواسي آهي ۽ عارضي طور صفوران چورنگي جو رهائشي آهي جڏهن ته سجاد خاصخيلي چوڪنڊي شاھ لطيف جو رهواسي آهي سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان 15 کان 20 جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي جنهن مان 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ ڇاپا هنيا پيا وڃن.