ميهڙ: ميھڙ ۾ لياقت علي جتوئي پاران جي ڊي اي ۾ شموليت واري فيصلي بعد دادو ضلعي سميت ٻين علائقن جي مختلف اڳواڻن بہ جي ڊي اي ۾ شموليت ڪري ڇڏي آھي جن ۾ لاڙڪاڻي لڳ درگاه جي گادي نشين سيد ديده دل ، سيد فيصل شاه، وارہ جي عاقل خان چانڊيو،ڪي اين شاه جي چونڊيل ڪائونسلر سيد محمد حسن شاه ، حبيب الله رند،سابقہ ڊي آء جي ڪشمور ڪنڌڪوٽ اڪبر خان ڀنگوار، دادو مان فاروق ملڪ، اڳوڻو تعلقي ناظم ميھڙ عبدالوحيد ڪلھوڙو،لاڙڪاڻي جي مشتاق جتوئي،قاضي احمد مان نياز حسين جتوئي شامل آھن.ميھڙ اڳوڻو وڏو وزير لياقت علي جتوئي سان گڏ ڀائرن ۾ انجينئر ظفر علي جتوئي ، اڳوڻو ايم پي اي احسان علي جتوئي ۽ سندس پٽ اڳوڻو ضلع ناظم ڪريم علي جتوئي ۽ دادو ضلع جي بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آء جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ضلع ڪائونسل ميمبر رئيس برڪت کوسو ، ضلع ڪائونسل جو اپوزيشن ليڊر برڪت علي جتوئي ، ڪبير خان جتوئي ، رئيس عبدالغني کوسو ، سميت 13 ضلع ڪائونسل ميمبر جڏھن ته دادو ضلعي جي مختلف يونين ڪائونسلن جي چيئرمينن اربيلو مھيسر ، شيرزادو جتوئي ، الطاف کوسو ، ظفر علي جتوئي ، ظفر چانڊيو، عبدالرشيد ڪولاچي ، عبدالحفيظ چانڊيو سميت 19 چيئرمينن سميت ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي چونڊجي آيل ميمبرن نياز علي ٻرڙو ، اسماعيل بروھي ، عبدالمجيد مھيسر ، مسرور ٻرڙو ، رضوان آڳرو، روشن کوسو سميت 17 ميونسپل ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ ٽائون ڪاميٽين جي ميمبرن صداقت سولنگي ، صابر راڌڻ به پي ٽي آء کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت ڪري ڇڏي آھي