لياقت جتوئي پي ٽي آءِ ڇڏي جي ڊي اي ۾ شامل، سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا)  اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آء اڳواڻ لياقت علي جتوئي ساٿين سميت پي ٽي آء کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي آھي.   ٻيٽو جتوئي ۾ شموليت واري جلسي ۾ جي ڊي اي اڳواڻن پير صدرالدين شاھ راشدي ، غلام مرتضي جتوئي ، ڊاڪٽر صفدر عباسي ، سيد زين شاھ ، سيد غضنفر شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي شموليت واري جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي مرڪزي صدر صدر الدين شاھ راشدي چيو ته سڀني کي خبر آھي تہ ملڪ تي ھڪ ڏکيو وقت آھي اھو وقت برقرار رھيو ته ڪو به ماڻھو سک سان رھي نه سگھندو عوام کي پنھنجو ذھن مٽائڻو پوندو حقدار  اميدوار کي پنھنجو ووٽ ڏيو ۽ ووٽ وٺندڙ کي ڏسو ته جيئن مستقبل ۾ اوھان جي ووٽ جو صحيح استعمال ٿي سگھي اسان 30 سالن کان سموري سنڌ ۾ ويا آھيون پنجاب اسان کان اڳتي آھي اتي سسٽم صحيح آھي اتي ترقي ٿئي ٿي پر سنڌ ۾ ڪو به معيار ناھي . مان لياقت جتوئي جي فيصلي کي بھتر فيصلو سمجھي کيس ڀليڪار ڪريان ٿو سنڌ جي بھتر مستقبل لاء وڌيڪ سٺن ماڻھن کي گڏ ڪري جي ڊي اي ۾ شامل ڪيو ويندو. سنڌ ۾ مافيا خلاف خاموش انقلاب آڻينداسين. اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي چيو ته جي ڊي اي قيادت کي ڀليڪار چوان ٿو، مان جي ڊي اي ۾ باضابطہ طور شموليت جو اعلان ڪريان ٿو 16 سال عوام کي چڪي ۾ پيسو ويو آھي پاڻي ، بجلي روڊ رستا ماڻھن کي ناھن مليا. صرف ماڻھن تي ڪوڙا ڪيس ، زمينن تي قبضا ڪيا ويا مون 16 سال عوام سان گڏجي ھنن سان جنگ ڪئي آھي. ڏکئي وقت ۾ عوام مون سان بيٺل رھيو آھي مان سلام ڪريان ٿو ھن چيو ته پير صدرالدين شاھ جي خاندان سان اسان جا خانداني واسطا رھيا آھن اسان جنھن سان به گڏ بيٺا آھيون ته نڀايو آھي اسان باضابطہ طور جي ڊي اي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو ۽ سنڌ ۾ گھمنداسين ۽ جي ڊي اي جي حڪومت ٺاھينداسين 9 ڊسمبر تي دادو ۾ جلسو ڪري جي ڊي اي جي اليڪشن مھم جي شروعات ڪنداسين. جلسي کي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته ھاڻي صورتحال تبديل ٿيندي سنڌ ۾ پ پ پ کي اسان مٿان مڙهيو ويو سنڌ جون زمينون ، قدرتي وسيلا ، سمنڊ جي ڦرلٽ ڪئي آھي. سنڌ ۾ بدترين خراب حڪمراني مڙھي وئي ھنن سنڌ کي لٽيو ، ماڻھن کي ٻوڙايو ، اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙائي ڦوٽو ڪڍرائي پئسا پنيا.. اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي خطاب ڪندي چيو ته اڄوڪو اعلان سياسي تبديلي آھي  مافيا جو خاتمو ڪنداسين زرداري ھڪ  عوامي وفاقي پارٽي کي ختم ڪري ڇڏيو زرداري جي قيادت ۾ صرف سنڌ جي تباھي ٿي آھي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضي جتوئي چيو ته لياقت جتوئي کي جي ڊي اي ۾ شموليت تي ڀليڪار چئون ٿا اسان جو ھڪ ئي گھر آھي ماضي ۾ به اسان گڏجي سياست ڪئي آھي اسان جا وڏا بمبئي ۾ اسيمبلي ۾ گڏ رھيا اسان پ پ پ ان ڪري ڇڏي جو  اسان جو نظرياتي اختلاف ھيو اسان ڏٺو ته جن ماڻھن ضيا جي دور ۾ قربانيون ڏنيون ڪوڙا کاڌا انھن کي نظر انداز ڪيو ويو. سنڌ سان جيڪو حشر ھن وقت آھي اھو ارغونن جي دور ۾ به ناھي رھيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.