باجوا عدالت ۾ ٻڌائي ته عمران کي ڪهڙي طرح آندو ويو: جاويد لطيف

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته اهو سٺو موقعو آهي جنرل باجوه عدالت ۾ وڃي ٻڌائي ته پي ٽي آءِ جي باني کي ڪهڙي طرح آندو ويو هو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي جاويد لطيف چيو ته هڪ شخص چوي ٿو .  سائفر ڪيس ۾ جنرل(ر) باجوا ۽ آمريڪي سفير کي گهرائيندس مان سمجهان ٿو ته اهو سٺو موقعو آهي ته جنرل باجوا عدالت وڃي.  هن چيو ته جنرل باجوا  عدالت ۾ وڃي ٻڌائي ته پي ٽي آءِ جي باني کي ڪهڙي طرح آندو ويو هو، هو قوم کي ٻڌائي ڪهڙي طرح نوازشريف کي مانيٽرنگ جج ويهاري سزا ڏياري وئي. جنرل باجوا عدالت کي سچ ٻڌائي ته جيئن پي ٽي آءِ باني جي اصليت قوم جي سامهون آڻي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.