ملڪ ۾ انصاف ناهي، طاقتور قانون جو مذاق پيا اڏائن: سراج الحق

لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ چند اڳواڻ جاگيردار ۽ سرمائيدار غلامن جو تعين ڪندا.   پاڪستان خانداني راڄ يا موروثي سياست لاءِ نه ٺاهيو ويو هو.  جيڪڏهن پيءُ، پٽ، ڀاءُ، سمڌي، ڌيءَ گڏجي ويهجن ته ان کي پارلياماني پارٽي جو اجلاس چئبو آهي.  قوم ووٽ جي ڏينهن کي ثابت قدم پارٽين جي احتساب جو ڏينهن بڻائي، انشاءَ الله 8 فيبروري جمهوريت جي حق ۾ انقلاب جو ڏينهن هوندو، تمر ڳڙهه دير پائين ۾ چونڊ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته  اڄ ملڪ ۾ انصاف ناهي، طاقتور قانون جو مذاق اڏائي رهيا آهن، 3 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. اڪثريت صاف پاڻي کان به محروم آهي، هن چيو ته اسلامي ملڪن جا حڪمران آمريڪا جي خوف سبب اسرائيل خلاف ڪو به قدم نه کڻي رهيا آهن، جماعت اسلامي مطالبو ڪري رهي آهي ته اسرائيلي شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.