عمران خان پنهنجي نااهلي چئلينج ڪري ڇڏي

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي اليڪشن  جي تاريخ جو اعلان ٿي چڪو آهي، اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهيان ٿو. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين طرفان بيرسٽر گوهر خان ۽ علي ظفرلاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي. درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن 8 آگسٽ 2023ع تي 5 سالن لاءِ اسيمبلي ميمبر طور نااهل ڪيو. اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ لاءِ جلد بازي ۾ غيرقانوني قدم کنيا ويا، لڳايل الزام بي بنياد آهن، عدالت 5 سالن جي نااهلي کي ڪالعدم قرار ڏي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست جي فيصلي تائين نااهلي جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.