عوام چونڊن جي سلسلي ۾ افواهن تي يقين نه ڪري: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي سمورين آئيني ۽ قانوني  ذميوارين کان چڱي ريت آگاهه آهي، اسان شفاف ۽ پرامن چونڊون منعقد ڪرائڻ لاءِ پوري طرح تيار ۽ پرعزم آهيون، اليڪشن ڪميشن اوهان کي يقين ڏياري ٿو ته اليڪشن دوران اوهان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو ته جيئن اوهان مڪمل رازداري ۽ شفافيت سان پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري سگهو. ان ڳالهه جو اظهار هن 7 ڊسمبر تي قومي ووٽرز ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. قومي ووٽرز ڊي جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن عوام کي اپيل ڪئي ته هو ملڪ ۽ قوم جي روشن مستقبل لاءِ پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪري. چونڊن جي سلسلي ۾ بي بنياد خبرن ۽ افواهن تي يقين نه ڪريو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن هن وقت ايندڙ عام چونڊن جي تيارين ۾ مصروف آهي. حتمي چونڊ فهرستن جي پرنٽنگ ۽ ترسيل جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسرن، ريٽرننگ آفيسرن ۽ اسسٽنٽ آفيسرن جو نوٽيفڪشن جاري ڪرڻ وڃي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ ئي ڪجهه ڏينهن ۾ اليڪشن شيڊول ڏنو ويندو ۽ پولنگ 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.