پاڪستان ۾ عوام چونڊن دوران سوچي سمجهي فيصلو ڪري:عالمي بئنڪ

اسلام آباد(م ڊ)  پاڪستان ۾ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين چيو آهي ته عام چونڊن دوران عوام کي سوچي سمجهي  فيصلو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين چيو ته پاڪستان کي مالي وسيلن جي نه پر انساني وسيلن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي، فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پاليسين ۾ وڏي تبديلي جي ضرورت آهي. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان کي سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي، مختصر مدي لاءِ پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت سڀ کان وڏو خطرو آهي، ٻارن جي اسٽنٽنگ، غذائي کوٽ، پاڻي ۽ صفائي سٿرائي کي به منهن ڏيڻو پوندو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.