فشرمين سوسائٽي جو اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر زاهد ڀٽي عهدي تان فارغ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر زاهد ڀٽي کي هٽائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت پاران ايف سي ايس جي  روزاني ۽ مالياتي معاملن جي نگراني لاءِ مانيٽر مقرر ڪيو ويو آهي.عدالت حڪم ڏنو ته اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر زاهد ڀٽي کي 14 ڊسمبر تائين فشريز جي عهدي تان هٽايو وڃي ڇاڪاڻ ته زاهد ڀٽي ٻه سال پورا ٿيڻ کانپوءِ غيرقانوني طور تي سيٽ تي ويٺل هو. عدالت ساجد سورو جي سربراهي ۾ 2 رڪني ڪميٽي بحال ڪري ڇڏي ۽ عدالت ڪميٽي کي حڪم ڏنو آهي ته رڪنيت جو عمل مڪمل ڪري ٻن مهينن اندر لسٽ فراهم ڪئي وڃي جنهن جي بنياد تي چونڊون ڪرايون وينديون.عدالتي فيصلي جي ماهيگير تنظيمن طرفان آجيان ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.