سيٺارجا ويجهو عورت ڪهاڙيون هڻي قتل، وارثن پاران مڙس تي الزام

سيٺارجا  ( ن ع آ ) سيٺارجا ٿاڻي جي حد ڳوٺ نصير مڱيڻجو ۾ 36 ورهين جي سرور خاتون کي منهن ۾ ڪهاڙيون هڻي بيدردي سان قتل  ڪيو ويو اطلاع تي سيٺارجا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مڙهه اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. عورت جي ڀائرن غلام اڪبر، شاهه بخش ۽ ڀاڻيجن ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته ڀيڻ کي مڙس شعبان قتل ڪري ڊرامو  ڪيو آهي، هن اڳ  به قتل ڪيو هو. هنن چيو ته جوابدار پاڻ زال سان گڏ ستل هو کيس ڪجهه نٿو رڳو عورت قتل ٿي. مقتولا عورت جي وارثن مطالبو ڪيو ته  جوابدار ۽ سندس چاچي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. ٻئي پاسي مقتولا جي مڙس شعبان ٻڌايو ته حملي آور جن زال کي قتل ڪيو، مونکي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. هوڏانهن سيٺارجا پوليس عورت جي مڙس شعبان سميت پنجن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. پوليس مقتولا سرور خاتون جو لاش سندس ڀاءُ غلام اڪبر مڱڻيجو حوالي ڪيو.  پوليس جو چوڻ آهي ته  واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو آهي ۽ ڳوٺاڻن جا بيان ٻڌا آهن ۽ پيرا ٻاهران ظاهر ئي ناهن ٿيا، سمورو ڊرامو لڳي رهيو آهي. ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته قانون موجب عورت جا وارث ڀائر آهن جن جي چوڻ تي  جوابدار گرفتار ڪيا آهن ۽ ڪيس به سندن مرضي موجب داخل ڪيو ويندو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.