سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران روڊن ۽ رستن تي سائن بورڊ لڳائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ غيرقانوني پارڪنگ فيس وٺڻ جي حوالي سان ڪيس جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي  چيو آهي تي ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ ڊي ايم سي پارڪنگ جي فيس وٺڻ جي حوالي قانوني وضاحت ڏين. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بيئچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت پاران قانوني پارڪنگ جي حوالي سان روڊ ۽ رستي تي مختلف رنگن جي سائن بورڊ لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو. سائن بورڊ لڳائڻ جي ذميواري ڪي ڊي اي ،ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سي پوري ڪري، شهر ۾ ڪنهن به جڳهه تي پارڪنگ جي لاءِ سائن بورڊ موجود نه آهي. عدالت ڪي ايم سي، ڊي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي کي پارڪنگ جي جڳهن جي لاءِ ميڊيا جي ذريعي آگاهي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي سنڌي، اردو، انگريزي ۽ گجراتي زبان جي وڏين اخبارن ۾ اشتهارڏنا وڃن. عدالت ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي حڪم ڏنو آهي ته غيرقانوني پارڪنگ فيس وٺڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.