عدالت پاران 9 سالن کان گم نوجوان جي وارثن کي معاوضو ڏيڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 9سالن کان گم ٿيل پٽ جي جو معذور پيءُ وهيل چئير تي پيش ٿيو. هن روئيندي چيو ته پٽ موسيٰ سجاد  9 سالن کان گم آهي، پٽ نٿا ڏئي سگهو ته سمورن گهرڀاتين کي ڦاهي ڏئي ڇڏيو.  سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس ثنا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. گم ٿيل جي معذور پيءُ چيو ته گهر ۾ پٽ جي گم ٿيڻ بعد قيامت آهي سڄي ڏينهن ۾ هڪ ويلو ماني ملي ٿي. جسٽس نعمت لله ڦليوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اوهان سان همدردي آهي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. جاچ آفيسر چيو ته درخواستگذار جو پٽ جهادي تنظيم حرڪت المجاهدين سان رابطي ۾ آهي، پشاور کان رپورٽ آئي آهي هو ڪنهن به اداري جي حراست ۾ نه آهي. عدالت گهروکاتي کي گم ٿيل موسيٰ جي گهروارن کي معاوضو ڏيڻ جي هدايت ڪئي.عدالت 22جنوري تي گهروکاتو ۽بچاءُ واري کاتي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.