عدالت پاران ايس ايم لا ڪاليج جي 150 شاگردن جي داخلا بحال

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايس ايم لا ڪاليج ۾ شاگردن کي امتحان کان روڪڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، لا ڪاليج جو پرنسپل،  يونيورسٽي انتظاميا سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. شاگردياڻي فاطمه جي درخواست تي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس عبدالرحمن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت درخواست منظور ڪندي ڪراچي يونيورسٽي انتظاميا کي 2022ع ۾ 150شاگردن کي انرولمينٽ ۽ ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو جن شاگردن داخلا ورتي آهي، بنا ڪنهن فرق جي کين امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت ۾ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو، فيصلو اچڻ تي شاگردن پاران خوشي جو اظهار ڪيو ويو. عدالت ۾ ايس ايم لا ڪاليج جي حوالي سان ٻي درخواست تي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.