ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي هڪ وڏي ڪاروباري ڪٽنب کي بليڪ ميل ڪري 2 ارب رپيا ڀتو گهرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن موجب ويجهر ۾ فوت ٿي ويل ڪراچي جي هڪ وڏي واپاري شخص کي اڻڄاتل ماڻهن طرفان هڪ اي ميل ملي هئي، جنهن ۾ 2 ارب رپيا ڀتو طلب ڪيو ويو هو، نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون هنيون. خاندان کي 2 ارب رپين کان وڌيڪ ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ اي ميل موڪلي وئي جنهن ۾ رقم بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو چيو ويو. خاندان جي قانوني صلاحڪارن جاچ لاءِ لکت ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جيڪا اربع جي شام تي جاچ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ايندڙ مرحلي ۾ ان معاملي تي جي آءِ ٽي به جوڙي ويندي، ان حوالي سان ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل ڪراچي کي گهرايو ويو آهي ته هو گهرڀاتين جا بيان رڪارڊ ڪرائين.