پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي گورنر حاجي غلام علي چيو آهي ته اهو نٿو ٿي سگهي ته صوبي ۾ ماڻهو مرندا رهن ۽ اسان چونڊن ڏانهن وڃو، اليڪشن ضروري آهن پر چونڊن لاءِ ماحول به هئڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن کي چيو هو ته ادارن کان پڇا ڪريو، هن چيو ته اليڪشن لاءِ سڀني کي گڏجي ويهي قدم کڻڻا پوندا، ائين نه ٿئي ته ڪير گهران ووٽ ڏيڻ لاءِ نڪري ۽ واپس نه موٽي، هن چيو ته چونڊن ۾ سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي،
لاهور (م ڊ) پنجاب جي گهرو سيڪريٽري شڪيل احمد چيو آهي ته عام چونڊن کان اڳ سياستدانن کي ڌمڪيون ڏيڻ جون رپورٽون وصول ٿيون آهن، عام چونڊن جي لاءِ پنجاب وٽ گهربل پوليس موجود نه آهي، لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پنجاب جي گهرو سيڪريٽري شڪيل احمد چيو ته جن سياستدانن کي ڌمڪيون مليون آهن انهن جي سيڪيورٽي وڌائي آهي، هن چيو ته پنجاب وٽ چونڊن جي لاءِ صرف اڌ پوليس فورس موجود آهي، پوري پوليس فورس موجود ناهي، عام چونڊن جي لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان مدد وٺڻي پوندي
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عام چونڊن لاءِ جن سياستدانن سيڪيورٽي مسئلن تي ڳالهه ڪئي آهي انهن پهرين چيو ته اسان اليڪشن لاءِ تيار آهيون، چونڊن ۾ سيڪيورٽي لاءِ فوج جي مقرري جو مطالبو سامهون آيو ته غور ڪنداسين،هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن اسان جو اندريون معاملو آهي،ملڪ ۾ بغير رجسٽريشن جي ڪو به نه رهندو، سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جيڪي ماڻهو 9 مئي واقعن ۾ ملوث ناهن انهن جي چونڊ وڙهڻ تي ڪا به پابندي ناهي، پي ٽي آءِ کي چونڊ مهم کان روڪڻ جي ڪا شڪايت آهي ته ان کي ڏسي وٺنداسين، سول ملٽري لاڳاپن ۾ فال آئوٽ ڇو ٿو ٿئي مان نٿو ٻڌائي سگهان، ارڙهين ترميم جو ڪريڊٽ پ پ کي وڃي ٿو، 18هين ترميم ۾ ڪا ڪمي آهي ته ايندڙ حڪومت ان تي غور ڪري سگهي ٿي، سياسي جماعتون اتفاق راءِ سان ان ۾ ترميم ڪرڻ چاهين ته ڪري سگهن ٿيون،ان ترميم کانپوءِ اختيار هيٺين سطح تي منتقل ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته خطي ۾ سڀ کان گهٽ دفاعي بجيٽ اسان جي فوج جو آهي، چونڊن ۾ فوج جي سيڪيورٽي جو مطالبو سامهون آيو ته لاڳاپيل ادارن سان مشاورت ڪنداسين،ايس آءِ ايف سي ۾ فوج جو ڪو رول ناهي، فوج سيپڙپڪاري لاءِ رڪاوٽون ختم ڪري رهي آهي، ان ۾ وڏو ڪردار سول ڪامورن جو آهي، فوج ان ۾ فيسليٽيشن ڪندي آهي، مختلف ملڪن مان اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري اچي رهي آهي،هن چيو ته بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير طور سٺو ڪم ڪيو، هن ۾ پڙهڻ جي عادت وڏي هئي، هن جي حوالي سان مون کي سٺي رپورٽ ملي آهي، مريم نواز جي مختلف معاملن ۾ سٺي سوچ آهي، نگران حڪومت چونڊيل حڪومت وارا سمورا ڪم ڪري سگهي ٿي
اسلام آباد(م ڊ) اينڪر منيب فاروق چيو آهي ته چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 17 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن،سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي پر ڇا چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون؟ اهو تمام وڏو سوال آهي، پاڪستان اندر ن ليگ کي فيورٽ قرار ڏنو پيو وڃي ،اها فيورٽ پنهنجي مقبوليت سبب نه پر اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجي قربت جي ڪري آهي، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ٻن صوبن ۾ بدامني ڪري چونڊن تي شڪ شبها ظاهر ڪيا آهن، ڪي پي جي ڪجهه ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي، ٻيو فيڪٽر ڪجهه ضلعن ۾ فيبروري ۾ موسم جو اشو ٿيندو، هن چيو ته بدامني جي ڪري ڪجهه سيٽن تي اليڪشن نٿي ٿئي ته ا جو ڪهڙو اثر پوندو ، ياد رهي ته جيستائين مڪمل ايوان نٿو چونڊجي تيستائين وزيراعظم نٿو چونڊجي سگهجي، اهو آئيني معاملو آهي، هن چيو ته ان معاملي تي ڪجهه ماڻهن اسٽيبلشمينٽ سان به رابطا ڪيا آهن، انهن چيو ته توهان لاڳاپيل فورم تي وڃو، اليڪشن ڪميشن ۾ هن وقت 15،16 درخواستون جمع ٿيل آهن، بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ به هڪ درخواست ٻڌڻي هيٺ آهي، هن چيو ته 9 مئي واقعن باوجود عمران خان جو ووٽ بئنڪ موجود آهي، پي ٽي آءِ ن ليگ سميت سمورين پارٽين کان مقبوليت ۾ اڳتي آهي، ٻهراڙي ۾ ن ليگ جيڪڏهن اڳتي آهي ته پي ٽي آءِ به پٺتي ناهي، شهري علائقن ۾ پي ٽي آءِ اڳتي آهي،اهڙي صورتحال ۾ ڇا پي ٽي آءِ کي اقتدار ۾ اچڻ ڏنو ويندو؟ چونڊن جي سلسلي ۾ امن امان ۽ عمران خان فيڪٽر اهم ٿي ويا آهن، عمران خان جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، فرح گوگي سان ڊيل جي حوالي سان هڪ اهم شخصيت سرگرم آهي،