اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نگران وزيراعظم چونڊن بابت غلط بياني ڪري اسٽيبلشمينٽ کي ڦاسائي ڇڏيو،وي لاگر اسد علي طور چيو آهي ته انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي دوري دوران آمريڪا،برطانيا جي پرڏيهي وزيرن ۽ آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقاتون ڪيون هيون، ڪاڪڙ چيو ته عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ انهن ته ڪڏهن نه چيو ته پاڪستان ۾ چونڊون ڪڏهن ٿا ڪرايو؟ عمران خان خلاف ڪريڪ ڊائون تي به ڳڻتي جو اظهار نه ڪيو ويو، اسان جي فوجين ان ڳالهه تي ڀنگڙا ڪيا ته هاڻي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي، پر سپريم ڪورٽ جي دٻاءُ تي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي، انهي وقت آءِ ايم ايف جو وفد قرض جي قسط جي سلسلي ۾ ڳالهين لاءِ اسلام آباد ۾ موجود هو، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيل هو ته پهرين قسط شهبازشريف حڪومت، ٻي قسط نگران حڪومت ۽ ٽين قسط نئين چونڊيل حڪومت کي ڏني ويندي، نگران گيم کيڏي رهيا هئا ته ٽين قسط به نگران حڪومت ۾ ئي ورتي ويندي،اليڪشن ڪميشن ٽي هفتا فنڊن لاءِ خط لکندي رهي، فنڊ جاري نه ٿيا،هاڻي وڃي فنڊ رليز ڪيا ويا آهن، هن چيو ته اليڪشن ۾ ٻه مهينا رهجي ويا آهن، توهان کي اليڪشن جو ڪو ماحول نظر اچي ٿو؟ان ڳالهه تي آءِ ايم ايف جا ڪن کڙا ٿي ويا، ان اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪرڻ تي وضاحت گهري آهي،