اليڪشن شيڊول روڪڻ بابت درخواست داخل، ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن کي ووٽر لسٽون درست ٿيڻ تائين ملڪ ۾ عام چونڊن جو شيڊيول جاري / ڪرڻ کان روڪڻ جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. شهري پاران داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نادرا جي رڪارڊ ۾ لکين غيرقانوني ترسيل شامل آهن جيڪي ووٽر لسٽن ۾ به شامل آهن. درخواست ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن جا نالا ووٽر لسٽن ۾ شامل ڪرڻ آئين جي منشا جي خلاف آهي. اهڙن سمورن ماڻهن جن جعلسازي سان قومي شناختي ڪارڊ ٺاهيا آهن انهن جا نالا ووٽر لسٽن مان خارج ڪيا وڃن. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت غير قانوني مهاجرن جا نالا ووٽر لسٽن مان ڪڍڻ ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ غير قانوني مهاجرن جا شناختي ڪارڊ رد يا بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ۽ درخواست تي فيصلو اچڻ تائين اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن شيڊول جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.