اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اطلاعات واري سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته عوام جي عدالت کان ڊڄندڙ ماڻهو چونڊون نٿا چاهين. اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ مولانا فضل الرحمان جي حڪومت آهي، اڃان تائين خبر ناهي ته هو ڪهڙو سازگار ماحول چاهين ٿا.هن چيو ته پيپلزپارٽي جي فتح ۽ بلاول ڀٽو جي مقبوليت تي مخالف پريشان آهن، عوام جي عدالت کان ڊڄندڙ ماڻهو چونڊون نٿا چاهين. فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته ڪڏهن معيشت لاءِ روئن ٿا ته ڪڏهن سيءِ لاءِ، هاڻي صورتحال تي روئي رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي بينظير ڀٽو جي شهادت باوجود چونڊون ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. پ پ ترجمان چيو ته ملڪ سنگين مسئلن جو شڪار آهي، چونڊون ئي مسئلن مان نڪرڻ جو واحد رستو آهي. قوم کي يقين آهي ته چيف جسٽس عام چونڊن جي عمل کي يقيني بڻائيندو.