نگران سرڪار سميت ڪنهن به حڪومت کي ملڪ وڪڻڻ جو مينڊيٽ ناهي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان جدوجهد تيز  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 14 ڊسمبر تي حيدرآباد ۽ 17 تي ٺٽي ۽ جلد ئي سکر ۽ خيرپور ميرس ۾ به ساڃاهه وندن جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ستار رند ۽ ٻين مختلف علائقن جو دورو ڪيو، اڳواڻن شڪارپور ۾ مظهر اڄڻ، انور علي سومرو، شوڪت علي بلوچ ۽ ڊاڪٽر نورالدين ابڙو جڏهن ته سکر ۾ حاڪم جتوئي، ذاولفقار ميراڻي، مونس ابراهيم، ذولفقار جتوئي، فياض سومرو ۽ خيرپور ۾ ذولفقار ڦلپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون، سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف هلندڙ جدوجهد کي وسيع ڪرڻ متعلق صلاح مشورا ڪيا ويا، عوامي تحريڪ اڳواڻن چيو ته نگران سرڪار سميت ڪنهن به حڪومت کي ملڪ وڪڻڻ جو مينڊيئٽ ناهي مليل، سرڪاري زمين حڪمرانن  جي نه پر عوام جي گڏيل ملڪيت آهي، سرمائيداري ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا پوري دنيا ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڊيم اڏڻ جا منصوبا هارين ۽ آبادگارن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ وارا منصوبا آهن. هي منصوبا اشرافيا کي فائدو پهچائڻ وارا منصوبا آهن، پر امن جدوجهد ذريعي اسان کي پنهنجي ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.