زمين ادارن حوالي ڪرڻ خلاف سنڌ جي وڪيلن پاران 9 ڊسمبر تي ريلي جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيلن” سنڌ جي زمين سنڌين جي“ عنوان هيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار روم ۾ وڪيلن جي گڏجاڻي  ٿي، جنهن ۾ سينيئر وڪيلن عاقب راڄپر، خليل انصاري، غلام شاھ، وهاب شر، سنڌ  هاءِ ڪورٽ بار جي جوائنٽ سيڪريٽري اصغر پٺاڻ، اصغر ناريجو، صداقت ميمڻ، سمير ميمڻ، عرفان ڪيريو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي 54 هزار ايڪڙ زمين ادارن جي حوالي ٿيڻ واري الاٽمينٽ جي مذمت ڪيون ٿا ۽ سنڌ اندر ماڻهون بک بدحاليءَ جو شڪار آهي، روزگار جو موقعا ۽ وسيلا نه هجڻ ڪري ماڻهو آپگهات پيا ڪن  ۽ ترقي جي نالي تي اسان مذاق ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته ڇنڇر 9 ڊسمبر تي  سٽي ڪورٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ايم جناح روڊ بند ڪيو ويندو، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 54 هزار ايڪڙ زمين هڪ جهٽڪي ۾ ادارن کي ڏني وئي آهي، جڏهن ته اسان جا ٻار ماني لاءِ روئي رهيا آهن  اسان سنڌي ماڻهن کي وڏي عرصي کان خاموش ڪيو ويو آهي. اسان جا قدرتي وسيلا لٽيا ويا، اسان جون نوڪريون چوريون ڪيون ويون، اسان جي زمين کي زهريلو ڪارخانن ذريعي زهر ڪيو ويو ۽ هاڻي اسان جي پيرن هيٺان زمين کسي پئي وڃي. هنن چيو ته انهن جي دعويٰ آهي ته اها ”ترقي“ جي لاءِ آهي، هڪ ڪوڙو لفظ جيڪو اسان جي بيروزگار نوجوانن جي ڪنن ۾، بکايل ٻارن جي پيٽن ۾ گونجي ٿو. ترقي ڪنهن لاءِ؟ يقيناً نه انهن مائرن لاءِ جيڪي خالي پيٽ تي سمهن ٿيون ۽ پنهنجن ٻارن کي کارائڻ کان قاصر آهن، هنن چيو ته اسان خاموش نه ويهنداسين. اسان سنڌ جا پٽ ۽ ڌيئرون گڏجي اٿنداسين، آواز اٿارينداسين ته متحد ٿي آواز اٿارينداسين. هي رڳو 54 هزار ايڪڙ زمين ناهي، اها اسان جي وقار، اسان جي مستقبل، اسان جي وجود جي حق جي جنگ آهي. اسان مطالبو ٿا ڪيون ته ادارن  کي زمين جي الاٽمينٽ  جو فيصلو  واپس ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.