شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايس ايم لا ڪاليج ۾ شاگردن کي امتحان کان روڪڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ پرنسپل لا ڪاليج، يوينورسٽي انتظاميا سميت ٻيا پيش ٿيا، عدالت ۾ ايس ايم لا ڪاليج جي پرنسپل چيو ته اسان 150شاگردن کي داخلا ڏني پر يونيورسٽي انهن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، يونيورسٽي 150 مان صرف 100شاگردن کي امتحان ڏيڻ جي فهرست جاري ڪئي آهي، چيف جسٽس چيو ته جڏهن ڪاليج داخلا ڏئي رهيو هو، انرولمينٽ جمع ٿي رهيا هئا ته ان مهل يونيورسٽي ڇا ڪري رهي هئي، جڏهن امتحاني فارم جمع ٿي رهيا هئا ته ان مهل ڪو خيال نه آيو، يونيورسٽي جي وڪيل چيو ته ڪاليج داخلا به ڏئي رهيو آهي، بغير شرطن جي داخلا ڏني پئي وڃي، فيس به پاڻ وٺن پيا، چيف جسٽس چيو ته 50سيڪڙو اضافي داخلا سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي نه آهي،  اوهان جي پنهنجي ويڙهه آهي، اسان شاگردن جي مستقبل سان کيڏڻ نه ڏينداسين، اوهان جي ذاتي جهيڙي ۾ شاگردن جو مستقبل تباهه نه ڪيو وڃي، عدالت يونيورسٽي جي حوالي سان داخلا قانون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.