خيرپور ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، 2 پوليس اهلڪار زخمي، 2 ڏوهاري مارجي ويا

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ۾ هٿياربندن ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلي جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، 2 ھٿياربند ڦورو مارجي ويا، خيرپور بي سيڪشن ٿاڻي جي حد  الھه آباد ڪالوني جي مک روڊ  تي ڏينھن ڏٺي جو هٿياربند ڦورن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، نتيجي ۾ 2 اهلڪار اڪرم شيخ ۽  دل مير آرائين سخت زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، پوليس ۽ ڏوھارين ۾  مقابلو دوران ٻه ھٿياربند مارجي ويا، ٻڌايو ويو ته هٿياربندن شهري ڪاشف علي راجپوت کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي ۽ هڪ گهر مان ڌاڙو هنيو ته پوليس پيڇو ڪيو ته هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو، ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو مقابلي دوران زخمي اهلڪارن جي سول اسپتال ۾ عيادت ڪرڻ ڳالهائيندي چيو ته هٿياربند واردات بعد فرار ٿي رهيا هئا ته  پوليس جو پيڇو ڪرڻ تي انهن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا، مارجي ويل ڏوهاري ٻئي ضلعي جا لڳن ٿا انهن جا سھولتڪار گرفتار پڻ ڪيا آهن جن جا نالا راض ۾ رکيا ويا آهن جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.