ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته بشير ميمڻ کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي، هي سياست ۾ اڃان اناڙي آهي ۽ آفيسرن کي ڌمڪائڻ بند ڪيو وڃي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاجز ڌامراهه چيو ته اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪجي ٿو ته بنا دير اليڪشن شيڊول جاري ڪري عوام مان بي چئيني ختم ڪئي وڃي. عاجز ڌامراهه چيو ته توھان ڌاڙيلن کي سياست ۾ شامل ڪري رهيا آهيو ائين نه ٿئي ته صاف سٿرا ماڻهو نواز ليگ کي ڇڏي هليا وڃن، اسان سان به ن ليگ جا ڪيترائي اڳواڻ رابطي ۾ آهن، پ پ اڳواڻ چيو ته بحريا ٽائون جو ڪيس هلي رهيو آهي عدالت فيصلو ڪندي ته ڇا ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته الزام لڳايو ٿو وڃي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت پاڪستان پيپلزپارٽي جي بي ٽيم آهي پر پنجاب ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي، ڪي پي ڪي ۾ فضل الرحمان جو گورنر لڳل آهي، بلوچستان ۾ ڪير آهي سڀني کي خبر آهي عوام ڄاڻي ٿو، عاجز ڌامراهه چيو ته چونڊن جو ماحول تيار ٿي ويو آهي پاڪستان پيپلزپارٽي به پنهنجيون تياريون ڪري رهي آهي هن چيو ته 27 ڊسمبر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائڻ لاءِ تياريون ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي اندر ڪنهن کي به لسانيت جي بنياد تي سياست ڪرڻ نه ڏني ويندي هاڻي اها راند بند ڪئي وڃي، حيدرآباد ۾ پڻ لسانيت کي فروغ ڏنو پيو وڃي جنهن کي رد ڪريون ٿا هاڻي ائين نه هلندو.