عوام کان واڌو بلن جي اوڳاڙي واپسي جو رستو موجود، ڪميٽي قائم

اسلام آباد(م ڊ) پاور ڊويزن بجلي ڪمپنين پاران صارفين کي ڄاڻي واڻي حد کان وڌيڪ بل موڪلڻ واري معاملي تي 4 رڪني انڪوائري ڪميٽي جوڙي ڇڏي. نوٽيفڪيشن موجب اڳوڻو سيڪريٽري پاور ڊويزن عرفان  علي ڪميٽي جي سربراهي ڪندو، پاور ڊويزن طرفان ڪميٽي جا ٽي او آرز به جاري ڪيا ويا. ڪميٽي ڊسڪوز ۽ پي آءِ سي سي جي ڊيٽا جي بنياد تي نيپرا جي رپورٽ جو جائزو وٺندي، نيپرا جي جاچ لاءِ سيمپلنگ جي طريقيڪار جو به جائزو ورتو ويندو، هڪ مهيني کان وڌيڪ بجلي جي صارفين کي بلنگ بابت بجلي ڪمپنين جي آفيسرن ۽ نيپرا جي جاچ ٽيم کان به پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي، ڪميٽي 15 ڏينهن اندر سفارشون پيش ڪندي. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ذميوارن جو به تعين ڪندي، ڪميٽي ميمبرن ۾ ايم ڊي نيسپاڪ زرگم اسحاق خان، عابد لوڌي ڪنسلٽنٽ يو ايس ايڊ، اڳوڻو ايم ڊي اين ٽي ڊي سي ڊاڪٽر فياض چوڌري شامل آهن. پاڪستان ۾ هن سال جون ۽ جولاءِ جي بجلي جي بلن ۾ غير قانوني طور تي صارفين کان اضافي بل وصول ڪرڻ کانپوءِ ڇا نيپرا جي انڪوائري کانپوءِ اهي پئسا واپس وٺي سگهندا؟ ان حوالي سان نيپرا جو چوڻ آهي ته پاور انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني جي سهڪار سان جون 2023ع کان بجلي جي بلن جي اوور چارجنگ جي معاملي جو جائزو وٺڻ لاءِ بجلي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ان کان وڌيڪ ريڊنگ جا بل ڏنا ويا ۽ جڏهن ادا ڪرڻا هئا. انهن ڪمپنين کي وڌيڪ بلن جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ته جيئن انهن اضافي بلن جو ٻيهر جائزو وٺي سگهجي. اهي ڪمپنيون صارفين کي نظر ثاني ٿيل بلن کي مهيني جي حساب سان موڪلينديون آهن ته جيئن انهن جي بجلي جي قيمت سليب متاثر نه ٿئي. نيپرا ان حوالي سان بجلي جي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين کي هڪ مهيني جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن پاور سيڪٽر جي ماهر فياض چوڌري سان رابطو ڪيو ويو ته ان جو چوڻ هو ته اهو بلڪل ممڪن آهي ته صارفين کي انهن جي اوڳاڙي رقم واپس ملي سگهي جيڪا پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنين انهن کان هڪ مهيني کان وڌيڪ ريڊنگ جي چارج ڪئي هئي. هن چيو ته بجلي جو بل هر مهيني اچڻو آهي ۽ صارفين اها رقم ايندڙ بلن ۾ ادا ڪري سگهن ٿا اهڙي طرح جيڪا رقم اضافي ورتي وئي آهي اها ايندڙ بل ۾ ايڊجسٽ ڪئي وڃي ۽ صارفين کي گهٽ بل ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هي سموري ڊيٽا موجود آهي ۽ ان جو جائزو وٺي اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو.  ڇا بجلي جا صارف ادا ڪيل اضافي بل جي واپسي حاصل ڪري سگهندا؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.