ميهڙ (ن ع آ) اڳوڻي وڏو وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت علي جتوئي پنھنجن ڀائرن ۽ ساٿين سميت پي ٽي آءِ کي الوداع ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته لياقت علي جتوئي اڄ ٻيٽو جتوئي ۾ پنھنجي سمورن ساٿين جو اجلاس طلب ڪري ورتو آھي، اجلاس بعد جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويندو، جڏھن ته 9 ڊسمبر تي دادو ۾ جي ڊي اي جو جلسو پڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ھوڏانھن لياقت علي جتوئي کي جي ڊي اي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ جي ڊي اي جا مرڪزي اڳواڻ پير صدرالدين شاهه راشدي، ڊاڪٽر صفدر عباسي، غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ جي ڊي اي جي قيادت ٻيٽو جتوئي پڻ پھچندي، ذريعن موجب لياقت علي جتوئي جي ويجھن ساٿين پاران پڻ اجلاس جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته اڄ ٻيٽو جتوئي ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو آھي ۽ جي ڊي اي جا اڳواڻ پڻ ٻيٽو جتوئي پھچندا اجلاس بعد لياقت علي جتوئي پنھنجن ڀائرن ۽ ورڪرن سميت جي ڊي اي ۾ شموليت جو اعلان جو امڪان آهي.