آر جي شاپنگ مال باهه ڪيس، گرفتار جوابدارن جو 5 ڏينهن جو رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ آر جي شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري ڪيس ۾ پوليس گرفتار 5جوابدارن  جو 5ڏينهن جو جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، جوابدارن ۾ عابد شاهه، فيضان، سلطان، عدنان ۽ عمران شامل آهن، پوليس پاران وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت جوابدارن کي وڌيڪ 3ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، آر جي شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ سبب 11ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي سڙي زخمي ٿي پيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.