نگران سرڪار آءِ ايم ايف جي چوڻ تي عوام جو رت چوسي رهي آهي:محنتي

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻوايم اين اي محمد حسين محنتي  نگران حڪومت پاران هڪ دفعو ٻيهر بجلي اگهن ۾ 03 رپيا 07 پئسا اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بجلي، گئس ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي بنا معيشت جي بحالي ۽ مهانگائي جو خاتمو نٿو ڪري سگهجي، گُڊ گورننس، ادارن جي بهتري لاءِ قدم، لائن لاسز، بجلي جي چوري ۽ ڪرپشن جي خاتمي کان بنا بجلي اگهن ۾ لڳاتار اضافي سان معيشت جو ڦيٿو جام ۽ عوام سان سراسر ظلم آهي، ٿڌ شروع ٿيڻ سان ئي عوام کي بجلي ۽ گئس کان محروم ڪيو ويو آهي پر تمام بجلي ڪمپنيون اوور بلنگ سميت ٻين طريقن سان ڳرا بِل موڪلي عوام جو رت چوسي رهيون آهن،  اوور بلنگ ذريعي بجلي ڪمپنين عوام جي کيسي تي675 رپين جو ڌاڙو ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي جنهن ۾ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ برابر جون شريڪ آهن، ملڪ کي اشرافيه ۽ اسٽيبلشمنٽ لاءِ تجربيگاهه بڻايو ويو آهي، پر سڀئي تجربا ناڪام ٿي چڪا آهن هاڻي ملڪي ترقي، عوام کي مسئلن کان نجات جو واحد رستو مخلص ۽ ديانتدار قيادت جي چونڊ آهي.

  • ڪراچي مان گم ٿيل دڙي واسي پورهيت نوجوان جو لاش هٿ

دڙو (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي) ڪراچي مان 10 ڏينھن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل دڙي واسي نوجوان جو لاش هٿ، قتل جو شڪ ظاهر ،  ڳوٺ قاسم سومرو واسي نوجوان پورهيت عبدالستار سومرو جو ايڌي سينٽر ڪراچي مان لاش هٿ آيو، نوجوان پورهيت 10 ڏينھن اڳ ڪراچي مان واپس ڳوٺ ايندي رستي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان پورهيت عبدالستار سومرو جو لاش ايڌي سينٽر ڪراچي مان هٿ آيو، وارث ايڌي سينٽر لاش وصول ڪرڻ لاءِ ڪراچي پهتا، نوجوان پورهيت عبدالستار سومرو جو لاش هٿ اچڻ واري خبر کانپوءِ گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، جڏهن ته ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول آهي، نوجوان جي وارثن ضلعي ڪائونسلر عزيز سومرو، ايڊووڪيٽ لطيف سومرو ۽ ٻين چيو ته نوجوان ڪراچي ۾ بنگلي تي ڪم ڪندو هو پگهار وٺي واپس ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو ان جو لاش ايڌي سينٽر ڪراچي مان مليو آهي، ايڌي وارن جو چوڻ آهي ته اسان کي لاش ناظم آباد پوليس ڏنو آهي، هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي پوليس ئي قتل ڪيو آهي ۽ لاش ايڌي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل جي شفاف جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.