اسلام آباد (اي پي پي) ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ 2005ع بابت ڪيس ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته هاءِ ڪورٽ ڪيئن سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي. اربع ڏينهن ايڪسائيز ڊيوٽي 2005ع بابت ڪيس جي ٻُڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ 2005ع جو سيڪشن 3 اي 2011ع ۾ صحيح قرار ڏنو، 2013ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ان نوٽيفڪيشن کي ڪيئن غير آئيني قرار ڏنو؟ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ڪيئن ڪالعدم قرار ڏئي سگهي ٿي؟ ٻُڌڻيءَ دوران چيف جسٽس بئريسٽر خالد جاويد سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. وڪيل خالد جاويد خان چيو ته ڪيس جي ٻُڌڻيءَ ۾ التوا چاهيان ٿو. ياد رهي ته ايڪسائيز ڊيوٽي ايڪٽ 2005ع ۾ سيڪشن 3 اي کي 2007ع ۾ شامل ڪيو ويو پر صدرِ مملڪت جي منظوريءَ کان سواءِ ئي سيشن 3 اي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صدر جي منظوريءَ کان سواءِ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کي سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ نوٽيفڪيشن صحيح قرار ڏنو، جنهن کي سپريم ڪورٽ به 2011ع ۾ برقرار رکيو پر 2013ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس منيب اختر نوٽيفڪيشن کي غير آئيني قرار ڏنو.