اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ريفرنس جي فيصلي خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين جي اپيل واپس وٺڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق درخواست رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو. ياد رهي ته 21 آڪٽوبر 2022 تي اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان کي اسيمبلي ميمبر طور نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو هو. پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين فيصلي خلاف 28 آڪٽوبر 2022 تي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. عمران خان ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ التوا هيٺ هئڻ سبب اپيل واپس وٺڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين 18 جنوري 2023ع تي اپيل واپس وٺڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت 13 سيپٽمبر 2023ع تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.