سنڌ ۽ پنجاب جي اوقاف کاتي واري وزيرن جي حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي قانون ۽ اوقاف کاتي واري وزير عمر سومري پنجاب جي اوقاف کاتي واري وزير سيد اظفر علي ناصر سان گڏ حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڏني.
ان کان اڳ سيد اظفر علي ناصر جي پهچڻ تي عمر سومري سندس آجيان ڪئي، ٻنهي وزيرن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي بهتري لاءِ دعا گهري.
عمر سومري سنڌ جي روايت موجب آيل مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي سيڪريٽري اوقاف منور مهيسر، ايڊيشنل سيڪريٽري اوقاف، ايڊمنسٽريٽر اوقاف ڪراچي اياز سومرو، ايڊيشنل سيڪريٽري هيومن رائيٽس فضل حسين اويسي ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.
هوڏانهن صحافين سان ڳالهائيندي عمر سومري چيو ته عام چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ سپريم ڪورٽ جيڪو حڪم ڪنديون، ان تي سموريون نگران حڪومتون عمل ڪنديون.
پنجاب جي اوقاف واري وزير سيد اظفر علي ناصر چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عبدالله شاهه غازي جي درگاهه تي بهترين انتظام ڪيا آهن، پنجاب ۾ به اسان درگاهن تي سٺا انتظام ڪيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.