آفيس،ملازم نه رکندڙ اخبارن جي ڊڪليئريشن ختم ڪبي: شاهد محمود کوکر

ڪراچي (رپورٽر) ايمپليٽيشن ٽربيونل فار نيوز پيپرز ايمپلائيز (آءِ ٽي اين اي) جي چيئرمين شاهد محمود کوکر چيو آهي ته صحافين جا  مختلف اخبارن ڏانهن رهيل بقايائون، ڪيترن ئي اخبارن جي ملازمن کي قسطن ۾ ادا ڪيون پيون  وڃن ، پيسا ميڊيا مالڪن وٽ آهن. انهن اخبارن جا اشتهار بند ڪري اي بي سي ڊڪليئريشن ختم ڪئي ويندي، جن ۾ رپورٽر، آفيس، اسٽاف نه هوندو، ان حوالي سان سنڌ اندر سروي پڻ ڪئي پئي وڃي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري کانپوءِ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، گورننگ باڊي ميمبر شمس ڪيريو، ذوالفقار راڄپر، مقصود يوسفي ۽ ٻيا ڪلب ميمبر موجود هئا. شاهد محمود کوکر چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو مزدورن کي پگهارون نه ڏيڻ ۽ قانوني ذميواريون نه نڀائڻ سبب 60 اخبارن جا ڊيڪليئريشن ختم ڪيا ويا ۽ 15 اخبارن کي ميڊيا لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي شاهد کوکر چيو ته ته جنرل مشرف جي دور ۾ ٽي وي چينل جا حد کان وڌيڪ لائسنس جاري ڪيا ويا، اهڙو ڪم دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ ۾ نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٽيڪس اٿارٽي انهن ميڊيا مالڪن کي چينل کولڻ وقت اهو پڇيو ته  انهن وٽ ايترو پئسو ڪٿان آيو ۽ ڪيترو ٽيڪس ادا ڪيو آهي ، هينئر به ميڊيا مالڪن کي ٽيڪس ادا ڪرڻ لاءِ نه چيو پيو وڃي. هن چيو ته ٽي وي ميڊيا ۾ اينڪرز کي وڏيون پگهارون، وڏيون ڪارون ۽ وڏيون مراعتون ڪنهن ٻئي طرفان ڏنيون وينديون آهن، جن جو اداري ۾ ڪو به اڪائونٽ رڪارڊ ناهي، جنهن سبب اهي ٽيڪس ادا نه ٿا ڪن ، شاهد کوکر چيو ته آءِ ٽي اين اي وٽ اختيار آهن ته ليبر ڪورٽن ۾ موجود صحافين جا ڪيس کڻڻ يا انهن جي رپورٽ طلب ڪري سگهي ٿي ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جي صدر سعيد سربازي ۽ سيڪريٽري شعيب احمد   شاهد محمود کوکر کي ڀليڪار ڪندي چيو ته بيروزگاري ۽ ميڊيا ڪارڪنن کي پگهارون نه ملڻ واري صورتحال ملڪ جي تاريخ ۾ بي مثال آهي، اهڙي صورتحال اول ڪڏهن به پيش نه آئي آهي ۽ ڪيترائي ميڊيا ملازم پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين تي خاموش آهن متان کين نوڪرين مان نه ڪڍيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.