پٽ ڏوهي ته ان کي ڦاهي ڏيو: گم ٿيل جي والد عدالت ۾ روئي ڏنو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 10 کان وڌيڪ گم ٿيل  ماڻهن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ۾ 9 سالن کان گم نوجوان جي والد عدالت ۾ روئيندي چيو ته منهنجي پٽ عطاءُ الله کي ڪتيرائي سال ٿيا آهن هن کي مون ناهي ڏٺو، منهنجي پٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪو پٽ ڏوهه ڪيو آهي ته هن کي بيشڪ ڦاهي تي چاڙهيو وڃي، 9سالن کان آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، منهنجي پٽ جو ڏوهه ڪهڙو آهي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو چيو ته اسان اوهان کي خاطري ڪري رهيا آهيون اسان اوهان جي پريشاني سمجهي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.