شاهه محمود قريشي ٻيهر پي ٽي آءِ جو وائيس چيئرمين مقرر

اسلام آباد ( م ڊ ) شاهه محمود قريشي کي پاڪستان تحريڪ انصاف جو وائيس چيئرمين  مقرر ڪيو ويو آهي. پڌرائي موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي پي ٽي آءِ جو مرڪزي صدر مقرر ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ موجب فردوس شميم نقوي کي پي ٽي آءِ جو مرڪزي نائب صدر مقرر ڪيو ويو آهي. پارٽي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيف الله ابڙو، قاسم سوري ۽ مشتاق غني کي پاڪستان تحريڪ انصاف جو مرڪزي نائب صدر مقرر ڪيا ويا آهن.

  • عمران خان ۽ ٻين جي ڪوريج تي پابندي بابت فيصلو نه ٿيو، سنگل بينچ جو انتظار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه سميت 9مئي جي جوابدارن جي ڪوريج واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سنگل بينچ جي فيصلي جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت سنگل بينچ جو تفصيلي فيصلو اچڻ تائين ڪيس کي ملتوي ڪري ڇڏيو، عدالت چيو ته جيستائين مڪمل فيصلو نٿو اچي ان وقت تائين اسان ڪو به آرڊ جاري نٿا ڪري سگهون.

  • ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالر قرض منظور

منيلا(م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.  اربع ڏينهن اي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. بئنڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن جي فراهمي جو مقصد پائيدار معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي مقامي وسيلا وڌائڻ ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن فنڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي موجب اي ڊي بي جو مقصد پاڪستان جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي.

  • فلپائن ۾ بس کي حادثو، 29 مسافر اجل جو شڪار

منيلا(م ڊ)فلپائن ۾ هڪ مسافر بس موڙ مڙندي جبل کان هيٺ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 29  مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا،25  زخمي ميڊيا رپورٽن موجب فلپائن ۾ نوادرات جي صوبائي انفارميشن آفيس جي سربراه جونلي سائلو چيو آهي ته مسافر بس 53 مسافرن سان هوز ڊي بوينا وسٽا ويندي مقامي وقت موجب شام جو ساڍي چار وڳي اينٽيڪ صوبي ويجهو هڪ اونهي کاهي  ۾ ڪري پئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.