ڪاري موري جو چئن ڪروڙن ۾ اڏيل سليب وري ٽٽي ويو، هزارين ايڪڙ فصل داءُ تي

خيرپور ناٿن شاهه/ڪڪڙ(رپورٽ: اختر مشوري+ شفيع محمد جهنجهه) جوهي برانچ تي قائم ڪاري موري جو جوڙيل سليب چار ڪلاڪ پاڻي جي دٻ به برداشت نه سهي سگهيو. چار ڪروڙ لڙهي ويا.  2022 ع جي مها ٻوڏ  جي دوران ٽٽل ڪاري موري کي ٻوڏ جي چئن مهينن بعد ڪروڙين روپين جي لاڳت سان خاص فنڊ جي تعلقي ڪي اين شاهه جي يوسي مٺو ٻٻر ۽ ٻين علائقن ۽ جوهي جي زرعي زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ اسٽيل جي شيٽن زرعي زمين آباد ڪرڻ لاءِ عارضي تيار ڪيو ويو پر سليب ٽٽي ويو، ڳوٺاڻن جي شديد احتجاجن کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايريگيشن جي اعلي عملدارن ڪاري موري جي ٻيهر تعميراتي ڪم شروع ڪرايو ويو پر ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري پاڻي جئين ڇوڙ ڪيو ويو ته 6 ڪلاڪن ۾ ڪاري موري هڪ دفعو ٻيهر ٽٽي پئي. ڪاري موري آرڊي 73 وٽان 4 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان نئون تيار ٿيل جوھي برانچ جو سليب ساڳئي ھنڌان ٽٽي پيو آھي جنھن سبب 40 کان وڌيڪ سپلاء ڪندڙ شاخن ۾ پاڻي جي فراھمي ٻيھر معطل ٿي وئي آھي لکين ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿيڻ سبب آبادگارن کي اربين روپين جو نقصان ٿيڻ جو امڪان آھي جنھن ڪري آبادگارن پاران ڪاري موري وٽ سخت احتجاج ڪندي ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف انڪوائري ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪري ھفتي اندر ھنگامي بنياد تي جوھي بئرانچ جو ڪم بھتر نموني ڪري پاڻي جي فراھمي يقيني بڻائي وڃي ھوڏانھن آبادگارن محمد عمر جمالي اقبال چارڻ حافظ محمد امين جمالي غلام مصطفي عباسي لعل بخش ٻٻر نواب جيسر عاشق چيو آھي ته جوھي ۽ ڪي اين شاه تعلقي جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر ٿي چڪيون ھيون آبادگارن جي سخت احتجاج بعد زمينن ۾  پاڻي فراھمي لاء عارضي طور  آبپاشي عملدارن پاران لوھي پليٽن وسيلي پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو ھو پر آبپاشي عملدارن پاران  تباه ٿيل جوھي بئرانچ ۾ پاڻي وڌيڪ ڇوڙ ڪيو ويو ھو سخت دٻاء سبب سليب ٽٽي پيو ھيو جن جي مھينو اڳ 4 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان آبپاشي عملدارن پ ھڪ خانگي ڪمپني جي ٺيڪيدار کي ٺيڪو ڏئي ڪم ڪرايو ويو ھو ڪم مڪمل ٿيڻ بعد جوھي بئرانچ ۾  پاڻي ڪراس ڪرڻ بعد 4 ڪلاڪن بعد ساڳئي ھنڌان مبينا  ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب ٻيھر سليپ ٽٽي پيو جيڪو ظلم جي انتھا آھي سليپ ٽٽڻ دوران ڪي اين شاه ۽ جوھي ۾ ڪڻڪ جي پوکيل  لکين ايڪڙ فصل خطري ۾ پئجي ويو آھي ۽ آبادگارن جو ڪيل ڪڻڪ جي پوکائي تي ڪروڙين روپيا ڪيل خرچ ٻڏي ويا آبادگارن چيو ت اسان جو گذر سفر زراعت تي آھي سال اڳ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪڻڪ جي پوکائي متاثر ٿي ھئي ٻيھر پوکائي نه ٿيڻ ڪري اسين ڪنگال ٿي وينداسين.ڳوٺاڻن مختيار بروهي، حاجي سليمان آرائين، ظهيرالدين جيسر، قمر الدين ٻٻر، لال بخش ٻٻر ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٺيڪيدار کي وقتن به وقتن چوندا رهياسين ته ناقص ميٽريل استعمال ٿي رهيو آهي پر اسان جي ڪنهن به ڪو نه ٻڌي.

سيڪريٽري آبپاشي نوٽيس ورتو ، چيف انجنيئر ۽ ٻيا پهتا

ڪڪڙ: ڪاري موري جو سليب لڙهڻ بعد 3 آبپاشي چيف انجينئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر دادو ڪاري موري پھچي جوھي برانچ جي ٽٽل سليب جو دورو ڪندي جائزو ورتو جن ۾ ڊپٽي  ڪمشنر دادو فياض حسين راھوجو چيف انجينئر ڪوٽڙي بئراج حاجي خان جمالي چيف انجنيئر سکر بئرانج سردار شاه چيف انجنيئر سائيٽ سھيل رند انجينئر بلرام ۽ اي سي دادو رياض احمد ڀرڳڙي سميت ٻيا آبپاشي ڪامورا پڻ گڏ ھئا ان دوران چيف انجينئر ڪوٽڙي بئراج حاجي خان جمالي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو آھي ته سيڪريٽري آبپاشي جي حڪم موجب 3 آبپاشي چيف انجينئر پھتا آھيون جوھي برانچ سليب ٽٽڻ جي ڪم جي ناڪامي جي رپورٽ سيڪريٽري کي موڪلي ويندي مونکي ڪوبه اختيار ڪاروائي ڪرڻ جو ناھي باقي سيڪريٽري جن کي سزا ڏئي سندس جي مرضي آھي جوھي بئرانچ جي مستقبل مضبوطي لاء سکر مان شيٽ پائل جو سامان استعمال ڪنداسين جوھي برانچ کي 25 ڏينھن اندر ڪم مڪمل ڪري پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو. ٻن ڏينھن اندر پمپنگ اسٽيشن موٽر چالو ڪري جوھي بئرانچ تي مرحليوار موجب پاڻي فراھم ڪيو ويندو.  آبادگارن سان ٿيل زيادتي ۽ نقصان جو احساس ۽ ڏک آھي ھوڏانھن آبادگارن الزام ھيٺ آيل انجنيئر ايريگيشن بلرام پنھنجو موقف ڏيڻ بجاء گاڏي ۾ چڙھي روانو ٿي ويو..

  •  آبپاشي انجنيئر آبادگار پهچڻ تي فرار ٿي ويا

ڪڪڙ:  آبادگارن جي الزام ھيٺ آيل انجنيئر ايريگيشن بلرام پنھنجو موقف ڏيڻ بجاء گاڏي ۾ چڙھي روانو ٿي ويو، ٻيا عملدار به پري ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.