جسٽس مظاهر خلاف ريفرنس ، جسٽس اعجاز کي ڌار ڪرڻ لاءِ درخواست داخل

اسلام آباد(م ڊ) جسٽس مطاهر نقوي خلاف ريفرنس ٻڌندڙ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي شموليت خلاف درخواست  داخل ڪئي وئي آهي. سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايت تي جسٽس اعجاز الاحسن کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کان ڌار ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي. ميان دائود ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سيڪريٽري سپريم جڊيشل ڪائونسل کي ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي سي سي پي او غلام محمود ڊوگر جي ڪيس جي آرڊر شيٽ به درخواست سان ڳنڍيل آهي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر بڻجڻ آئين جي آرٽيڪل 10 اي ۽ 9 جي خلاف آهي.  جسٽس اعجاز الحسن جو جڊيشل ڪائونسل جو حصو بڻجڻ مفادن جي ٽڪراءَ ۽ شفافيت جي اصول جي خلاف آهي، شڪايت ڪندڙ ۽ عوام جو اهو تاثر آهي ته جسٽس اعجاز ڪائونسل ۾ انصاف جون گهرجون پوريون نه ڪري سگهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.