اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏيڻ لاءِ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب ڦاهي کي عدالتي قتل قرار ڏيڻ واري ريفرنس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي.ذريعن موجب صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٿيندي. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت 2011 ۾ صدر زرداري جي معرفت سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.