ملتان(م ڊ) سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته ماڻهو چون پيا نوازشريف اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو آهي، يا شهبازشريف، آصف زرداري ۽ فضل الرحمان کي آندو پيو وڃي، جيڪو به آندو پيو وڃي ان جي ڪا به حيثيت نه هوندي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آرمي چيف کي پيغام آهي ته عوام آڏو سرينڊر ٿيو، عام چونڊن ۾ ڪنهن لاءِ مشڪلات پيدا نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن عمران خان ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته ماڻهن کي پاڻ ئي احساس ٿي ويندو ته اسان ٻيهر غلطي ڪئي آهي،هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کان سدائين مون سزائون کاڌيون آهن، منهنجي ڳالهين تي پابندي آهي، ڪمانڊر ان چيف لاءِ پوري دنيا خزانا کولي ڇڏيا آهن، آمريڪا،سعودي عرب ۽ ٻيا فنڊ پيا ڏين، عوام جي راءِ جي اهميت هئڻ گهرجي، حسين شهيد سهروري سان اڪثريت گڏ هئي پر ايوب خان اچي ويو، پوءِ بنگال ۾ ڇا ٿيو، ڀٽو صاحب جو مقبول ووٽ نظرانداز ڪري اسان ضيا جي ڪابينا ۾ ويهي رهيا هئاسين مون ته ان معاملي تي قوم کان معافي به گهري آهي، بينظير صاحبه آئي ان کي ڪڍو ويو، نوازشريف به ڪڍيو ويو، آرمي چيف کي چوندس ته توهان جي قدمن اسان جي معيشت کي سهارو ڏنو آهي، اسمگلنگ ڪير ڪندو آهي ،ڪور ڪمانڊر، برگيڊيئر هڪ هڪ مهيني ۾ اربين رپيا ڪمائن ٿا، هٿيار، تيل ۽ ٻيو سامان سرحدن تان روڪ ٽوڪ بنا اچي وڃي ٿو، انهن فوجين جا ٻار ٻاهرين ملڪ ۾ رهن ٿا، جزيرا خريد ڪري اتي سيٽل ٿين ٿا، جنرل باجوا ۽ فيض حميد رسوائي جو سبب آهن، باجوا کي ايڪسٽينشن ڏيڻ ۾ عمران خان، نوازشريف، زرداري،مون سميت سڀني سياستدانن جو ڏوهه آهي، شيطاني عمل کي اسان جمهوريت جي بحالي سڏيون ٿا، سياسي جماعتون پنهنجي صفن ۾ صحيح چونڊون ڪرائين،تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سان هن وقت ظلم ٿي رهيو آهي، اهي ڌڪا پيا کائن
 
			