حيدرآباد (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جا آبادگار پاڻي جي کوٽ، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ڀاڻ جي اگهن ۾ واڌ خلاف روڊن تي نڪري آيا، فتح چوڪ کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هنيو ويو. مارچ ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ سوين آبادگار سنڌ حڪومت، ايريگيشن کاتي ۽ ڀاڻ جي ڊيلرن خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، مارچ جي اڳواڻي سنڌ آبادگار اتحاد جو مرڪزي صدر نواب زبير احمد ٽالپر ۽ ٻيا آبادگار اڳواڻ ڪري رهيا هئا، اڳواڻن چيو ته آبادگارن پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجن باوجود سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين ڀاڻ جي کوٽ، ڀاڻ جا هٿرادو اگهه وڌائڻ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف ڪو نوٽيس نه ورتو، جنهن ڪري سنڌ جي آبادگارن ۾ پريشاني ۽ ڪاوڙ پکڙيل آھي، سنڌ جي زراعت ملڪ جي ڪرنگهي جي ھڏي جيتري حيثت رکي ٿي، پر حڪمران ۽ ڪرپٽ ڪامورا شاهي، زراعت کي هٿي ڏيڻ، ڀاڻ ۽ پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ بدران زراعت کي تباهه ڪري رهيا آھن، هنن مطالبو ڪندي چيو ته ڪڻڪ جي امدادي اگهه ۾ اضافو ڪري، ڪمند جي فصل جي اجائي ڪٽوتي ختم ڪري، شگرملن ڏانهن آبادگارن جون رهيل رهتون ڏياري ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
- 
ميهڙ ۾ ڀاڻ جي هٿراد کوٽ خلاف ايس يو پي ۽ آبادگارن جو مارچ، ڌرڻو
ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ميھڙ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ، ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو ۽ اگھن ۾ ھٿرادو واڌ خلاف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ آبادگار اتحاد پاران سڪندر سوڍر، حاجي خان مارفاڻي، شبير منگي، حبيب حضوري مجيد سوڍر، اسحاق، ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالحميد سومرو، سيٺ امجد تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ باءِ پاس کان احتجاجي ريلي ڪڍي 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ميھڙ جي مختيارڪار ، اي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، اڳواڻن چيو ته ميھڙ ۾ انتظاميه جي ملي ڀڳت سبب ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ ٻيڻي اگھه تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، اي سي ميھڙ ۽ مختيارڪار ميھڙ ڀاڻ جي واپارين سان ملي آبادگارن ۽ ھارين سان ظلم ڪري رھيا آھن، ميھڙ ۾ انتظاميه جي نااهلي سبب ڀاڻ ٻيڻي رقم تي وڪرو ٿي رھيو آھي، ميھڙ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم ڪري وڌيڪ اگھه وٺندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ھارين ۽ آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي.
 
			