نواز شريف جي چوڌري شجاعت سان ملاقات، سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق

لاهور (م ڊ ) ن ليگ قائد نواز شريف ۽ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين وچ ۾ 15 سالن  کانپوءِ ملاقات ٿي آهي، ملاقات ۾ چونڊن لاءِ سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي اتفاق ڪيو ويو. نواز شريف چوڌري شجاعت سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو،  ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات 40 منٽن تائين جاري رهي. شهباز شريف، مريم نواز، راڻا ثناءُ الله، اياز صادق ۽ اعظم نذير تارڙ به نواز شريف سان گڏ هئا، جڏهن ته چوڌري شجاعت حسين طرفان ملاقات ۾ چوڌري سالڪ حسين، چوڌري شافع حسين، چوڌري وجاهت ۽ طارق بشير چيما موجود هئا.
ملاقات ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ ايندڙ چونڊن بابت مشاورت ڪئي وئي، ان دوران چوڌري شجاعت مطالبو ڪيو ته جن سيٽن تان اسان جا ماڻهو کٽيا هئا، نه رڳو اهي ڏنيون وڃن پر گجرات، سيالڪوٽ، منڊي بهاوالدين ۽ حافظ آباد ۾ به سيٽون ڏنيون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ ق ليگ وچ ۾ پنجاب اسيمبلي جي ٽن ۽ قومي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تي مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي، ن ليگ طارق بشير چيما جي مقابلي ۾ ڪو اميداور نه بيهاريندي. ذريعن موجب چڪوال مان اڳوڻي ايم اين اي چوڌري سالڪ جي سيٽ تي به ايڊجسٽمينٽ ٿي چڪي آهي، جڏهن ته چوڌري شافع گجرات مان چونڊ وڙهندو پر ملاقات ۾ موجود چوڌري وجاهت جي پٽ ۽ اڳوڻي ايم اين اي حسين الاهي جي سيٽ تي ڪا مشاورت نه ٿي، ٻنهي پاسن کان ان تي پوءِ مشاورت تي اتفاق ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ طئي ٿيو ته ٻين ٻن صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي جيڪي نالا چوڌري شجاعت ڏيندو، انهن جي سيٽ ڪنفرم هوندي، تنهن ڪري چوڌري شجاعت ٻنهي پٽن جو نالو ڏنو آهي، انهن سان مقابلي ۾ ن ليگ ڪو اميدوار نه بيهاريندي. ذريعن موجب چوڌري سالڪ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهندو ته ان جي هيٺان ٻه صوبائي اسيمبلي اميدوار ن ليگ جا هوندا، جڏهن ته طارق بشير چيما جي هيٺان 2 صوبائي اسيمبلين تي به ن ليگ جا اميدوار هوندا.

  • بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي ( رپورٽر )  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ باهه لڳڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي،  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميئر ڪراچي سان رابطو ڪري عائشه منزل ڀرسان دڪانن کي باهه لڳڻ واري واقعي جا تفصيل ورتا. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته  عائشه منزل ڀرسان دڪانن ۽ فليٽن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن. جيالا عائشه منزل ڀرسان فائر برگيڊ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ انتظاميا جي مدد ڪن.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  الله پاڪ علائقي ۾ رهندڙ سمورن شهرين جي حفاظت ڪري.

  • سڀ کان پهرين انساني جانين جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي: احمد شاهه

ڪراچي ( رپورٽر ) اطلاعات واري نگران صوبائي وزير محمد احمد شاهه عائشه منزل ويجهو عمارت کي باهه لڳڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو . نگران وزير محمد احمد شاهه هدايت ڪئي ته سڀ کان پهرين انساني جانن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. اطلاعات وارو وزير محمد احمد شاهه موجب سنڌ جي وڏي وزير سمورن ميونسپل ادارن، پوليس ۽ انتظاميه کي جلد کان جلد باهه وسائڻ جا حڪم ڏئي ڇڏيا آهن. لاڳاپيل ميونسپل عملو ۽ مشينري خوفناڪ باهه وسائڻ لاءِ امدادي ڪم ۾ مصروف آهي، بيان موجب ڪيترن ئي رهاڪن کي بچايو ويو آهي، باهه متاثر ماڻهن لاءِ بهتر علاج هدايت ڪئي آهي، سنڌ حڪومت جا سمورا لاڳاپيل ادارا خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.