جج به ماريندو هو، سندس زال ۽ ٻار به مارڪٽ ڪندا هئا: رضوانا

اسلام آباد(م ڊ)  اسلام آباد ۾ جج جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان ڇوڪري رضوانه انڪشاف ڪيو آهي ته جج کيس مارندو هو ۽ زال ۽ ٻارن  به تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا. رضوانه کي 5 مهينا لاهور جي جنرل اسپتال ۾ علاج کانپوءِ اڄ ڊسچارج ڪيو ويو، جنهن بعد کيس چائلڊ پروٽيڪشن بيورو پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ننڍڙي رضوانه چيو ته هوءَ پنهنجي ماءُ کي ياد ڪري رهي آهي، هن ٻڌايو آهي ته هوءَ اسپتال مان وڃي رهي آهي. هن چيو ته مون کي گهٽا ڏنا ويندا هئا ۽ آڱريون سڌيون اکين ۾ ماريون ويون، منهنجي مٿي تي لٺيون هنيون ويون مون کي ڪڏهن به ڪنهن ڊاڪٽر يا اسپتال نه آندو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.