عورت جڏهن به حق مهر گُهري ته مڙس ڏيڻ جو پابند هوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حق مهر جي حوالي سان اهم فيصلو ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ موجب عورت جڏهن به حق مهر  گُهري ته مڙس ڏيڻ جو پابند هوندو. سپريم ڪورٽ 6 سالن تائين حق مهر ڏيڻ ۾ دير تي مڙس مٿان  هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳائي ڇڏيو. عدالت چيو آهي ته حق مهر شرعي گـُهرج آهي جنهن جو تحفظ ملڪي قانون ۾ به موجود  آهي، حق مهر جي ادائگي جو وقت مقرر نه هجي ته زال ڪنهن به وقت گهر ڪري سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ موجب غيرضروري اپيلون داخل ڪرڻ سان عدالتي نظام مفلوج ٿيندو پيو  وڃي، بنا سبب جي ڪيس داخل ڪرڻ  تي عدالتن کي ڏنڊ لڳائڻ گهرجن. ٽن صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.