اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عمران خان عدالت ۾ جنرل (ر) قمر جاويد باجوه ۽ آمريڪي سفير کي شاهد طور گهرائڻ جي ڳالهه ڪري دراصل اسٽيبلشمينٽ کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. نامياري صحافي رئوف ڪلاسرا جو چوڻ آهي ته عمران خان کي به خبر آهي ته ڇا اڳوڻو آرمي چيف عدالت ۾ اهو اچي اعتراف ڪندو ته هن آمريڪا سان گڏجي سازش ڪري عمران خان جي حڪومت ختم ڪئي، عمران خان کي خبر آهي ته نه اڳوڻو آرمي چيف عدالت ايندو ۽ نه سندس حمايت ۾ بيان ڏيندو. عمران وڏي هوشياري سان اسٽيبلشمينٽ کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو ته ادارو ڪڏهن به نه چاهيندو ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل (ر) باجوه عدالت ۾ پيش ٿي وڪيلن جي آڏي پڇا کي منهن ڏئي ايئن نه ٿيڻ جي صورت ۾عمران خان رڙيون ڪندو ته ساڻس انصاف نه ٿيو ڇو ته مکيه شاهد عدالت ۾ نه آيا. اهو ڪهڙو انصاف آهي. ڏسڻو آهي ته ان معاملي کي اسٽيبلشمينٽ ڪيئن منهن ڏئي ٿي ڇو ته عمران خان ته بال جنرل (ر) باجوه جي ڪورٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.