سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي اولهه کي 12 ڊسمبر تي گهرائي ورتو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊي ايس پي عميرطارق بجاراڻي خلاف جاچ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس ايس پي اولهه  کي 12 ڊسمبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته چوريءَ کان اڳ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايڇ او پيرآباد ايس ايس پي اولهه کي ٻڌايو ته چوري ٿيڻ واري آهي، ايس ايڇ او پيرآباد به انڪوائري ۾ ملوث آهي، واقعي جي جاچ ايماندار آفيسر کان ڪرائي وڃي، ڊي ايس پي ڪمال نسيم عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته اسان کي ڪنهن نه ٻڌايو ته پوليس ڪهڙي علائقي ۾ ڇاپو هڻن وڃي رهي آهي، عدالت جاچ آفيسر کي ڪيس جو متن پڙهڻ لاءِ چيو، ايف آءِ آر جو متن، ڊي ايس پي عمير طارق ۽ ٻين جوابدارن رات جي وقت  اورنگي ٽائون سيڪٽر 5 اي ۾ واپاري جي گهر ۾ داخل ٿي 2 ڪروڙ رپيا ڦر ڪري ورتا، موبائل فون ۽ ليپ ٽاپ سميت 70 کان 80 تولا سون ڦر ڪيو ويو، جوابدارن اظهر، ڪامران شاهه رخ، سيد سهيل، محمد ناصر ۽ ڊي ايس پي عمير طارق کي 28 نومبر تي گرفتار ڪيو ويو، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.