ڪراچي ۾ زال ۽ ٻارڙن کي قتل ڪندڙ جوابدار جو 3 ڏينهن جو رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل  مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ عورت ۽ ٻارڙن کي قتل ڪندڙ جوبدار ارشد علي کي رمانڊ پورو ٿيڻ بعد پيش ڪيو ويو، عدالت چيو ته فنگر پرنٽس ۽ ثبوتن ۾ ڪااڳڀرائي ٿي آهي، جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته ڪابه ڪاميابي نه ملي آهي، لڳي ٿو ته  ثبوت ختم ڪيا ويا آهن، اسان جوابدار جي ڀاءُ کي جاچ ۾ شامل ڪيو آهي، عدالت جوابدارن کي 3 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان مڙس وٽ مبينا قيد ٻارڙا امڙ حوالي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ جي سنگل بئنچ ۾ ناراض مڙس پاران ٻه ٻارڙن کي ڪراچي مان زبردستي بلوچستان وٺڻ وڃن جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم تي سنڌ ۽ بلوچستان پوليس ٻارڙن کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت  ٻارڙن کي فوري ماءُ جي حوالي ڪيو ويو، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ آءِ جي بلوچستان ۽گهروکاتي جي سيڪريٽري  کي طلب ڪيو هو پر آءِ جي بلوچستان پاران  ايس ايڇ او ڊيره مرادجمالي بلوچستان ۽ آءِ جي سنڌ پاران اي جي ليگل سميت ٻيا پوليس آفيسر پيش ٿيا، جوابدار جي وڪيل چيو ته زال مڙس جي شادي برقرار آهي ڪجهه ڪاوڙ جي ڪري مڙس ٻار بلوچستان وٺي ويو، جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته گهر بچڻ گهرجي، زال مڙس کي سوچڻ گهرجي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملڻ گهرجي.

بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان مختلف ضلعن جي اڳواڻن جون ملاقاتون

ڪراچي (رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي صدر سان حيدرآباد، سانگهڙ ۽ ڪشمور جي پ پ اڳواڻن جون ملاقاتون ايندڙ اليڪشن جي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون، بلاول هائوس ڪراچي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ ليڊيز ونگ  جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر سان  پ پ سانگهڙ ضلعي جي صدر علي حسن هڱورجو، حيدرآباد جي اڳواڻ مخدوم جميل الزمان ۽ ڪشمور جي اڳواڻ احسان مزاري ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ ايندڙ اليڪشن جي تيارين ۽ عوامي رابطن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پارٽي قيادت اڳواڻن کي عوام ۾ رهڻ ۽ سرگرميون وڌائڻ جي هدايت به ڪئي آهي.

ڪي پي ڪي ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ مريضن جو انگ 6 هزار کان به وڌي ويو

پشاور(م ڊ) ڪي پي ڪي ۾ ايڊز جي رجسٽرڊ  مريضن جو انگ 6 هزار کان به وڌي ويو آهي. صحت کاتي موجب مجموعي طور تي ايڊز مريضن جو انگ 6 هزار 966 آهي پشاور پهرين نمبر تي بنون ٻئين نمبر تي آهي . پشاور ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ سڀ کان وڌيڪ يعني 12 سو 74 آهي سموري صوبي ۾ ايڊز جا هڪ هزار 573 عورتون ، 4 هزار 865 مڙد  مريض رجسٽرڊ آهن صوبي ۾ 107 جواجا سرا به ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آهن اڳوڻن قبائلي ضلعن ۾ ايڊز مريضن جو انگ هڪ هزار107 آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.