گمبٽ ۾ پرائمري استاد گولي هڻي قتل، وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو

گمبٽ (ن ع آ) گمبٽ جي علائقي ٻيلھاڙو واسي پرائمري اسڪول قيصر خان جاگيراڻي جي نوجوان استاد وسيم احمد پٽ وڪيل احمد کوکر کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، مقتول جا وارث وڏي انگ ۾ ڀرپاسي جا ماڻهو  ۽ اڳڙا پوليس پھتي، پوليس کي ھڪ پسٽل، مقتول جو موبائيل سيٽ، ھڪ ٿيلھو ۽ بٽون ھٿ آيو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر چيو ته مقتول کي گولي مٿي ۾ کٻي پاسي کان لڳل آهي، مقتول جي وارثن ۽ استادن استاد عبدالقيوم ڄامڙو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاش پريس ڪلب اڳيان رکي احتجاج ڪيو، گستا اڳواڻن چيو ته ھي قتل صرف اسان جي ساٿي استاد جو نه پر معاشري جي شعور جو قتل آھي، ڊيوٽي تي ويندڙ استاد وسيم کوکر کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، ٽن ڏينهن اندر استاد جي قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، وارثن چيو ته ظالمن اسان جي ڳڀرو جوان کي گولي هڻي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي، ٻئي طرف ايس ايڇ او اڳڙا چيو ته شروعاتي ڄاڻ موجب استاد وسيم کوکر موبائل فون تي ويڊيو ڪال تي ڳالهائيندو پئي ويو جنهن کانپوءِ رستي مان سندس لاش مليو، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.