عمران خان هاڻي ميڙمنٿ تي لهي آيو آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد(م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين اڄ به انتشار واري ذهن سان ويڇن واري سياست ڪري رهيو آهي، پر قوم حقيقت ڄاڻي چڪي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته تبديليءَ  جي نالي تي عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي. قومي راز ظاهر ڪرڻ بعد هاڻي پاڻ کي سزا کان بچائڻ لاءِ منٿ ميڙ تي لهي آيو آهي ۽ رابطن لاءِ منتظر آهي، پر کيس ڪنهن به قسم جي مدد نه ملندي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 12 ڊسمبر تي فردِجرم لاڳو ٿيندي ئي جعلي سازش وارو بيانيو پنهنجي موت پاڻ مري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.