ڪرپشن ۽ ڌاڙيل راڄ سنڌ جي خوشحالي کي پوئتي ڪري ڇڏيو:محنتي

ڪنري (ت ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو آھي ته ڪرپشن ۽ ڌاڙيل راڄ سنڌ جي خوشحالي کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو  آھي، هزارين اسڪولن جو بند ھجڻ سنڌ ڪي تعليم جي تباھي جو وڏو ثبوت آھي، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مھانگائي وڌيڪ آھي، جنھن جو مک ڪارڻ ڪرپشن ۽ بدعنواني آھي، جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ڪنري ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالھائيندي وڌيڪ چيو ته 8 فيبروري تي ھر حال ۾ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون جيڪڏھن نگران حڪومت چونڊن ۾ دير ڪئي ته جماعت اسلامي مزاحمت ڪندي، ن ليگ، پي ٽي آءِ، پ پ وارن پنھنجي حڪومتن ۾ ملڪ جي خزاني کي ٻنھي هٿن سان لٽيو، اڄ سياستدان خوشحال ۽ عوام بي حال آھي، عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي ۽ حڪمران عياشيون ڪرڻ ۾ رڌل آھن، گئس، پيٽرول، اٽي سميت ٻين شين جا اگھه آسمان تي پھتل آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.