ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) سنڌ پوليس کاتي جي 567 سب انسپيڪٽرن کي ايندڙ پوسٽن تي ترقي ڏني وئي. ڊپارٽمينٽل پروموشن جي عمل بابت آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا جي هدايتن تي عمل ڪندي سب انسپيڪٽر کان انسپيڪٽر جي عهدي تي پروموشن جي التوا واري 999 ڪيسن مان 567 سب انسپيڪٽرن کي ايندڙ پوسٽن تي ترقي ڏني وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب نيشنل هاءِ اينڊ موٽر وي پوليس، ايف آءِ اي، اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين ادارن جي 12 آفيسرن کي 90 ڏينهن اندر واپس سنڌ پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ تي انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 215 آفيسر اهڙا آهن جن جي ترقي جي لاءِ گهربل دستاويزن ۽ کاتي جي ڪورسز جي نتيجن سان مشروط ڪيو ويو آهي، آءِ جي رفعت مختار راجا هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ڊپارٽمينٽل ترقي يافته آفيسرن جي رينڪنگ تقريبون 6 ڊسمبر تي هر پوليس ڊويزن ۾منعقد ڪيون وينديون، جنهن ۾ ترقي يافته انسپيڪٽرز پنهنجي خاندانن سميت شرڪت ڪندا.