ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر ٻيهر ليڪ ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

ڪراچي ( رپورٽر) ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر هڪ دفعو ٻيهر ليڪ ٿيڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي ٻه رڪني بئنچ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي سميت ٻين کي 14ڊسمبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذارن جي وڪيل بئريسٽر نبيل احمد خان ۽ ايڊووڪيٽ جهانگير شمس جو چوڻ هو ته پهرين به ٽيسٽ جو پيپر ليڪ ٿيو جنهن تي عدالت ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي کي ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو حڪم ڏنو پر بدقسمتي سان هن ٽيسٽ ۾ به رات جو 11 وڳي پيپر کي ليڪ ڪيو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته گذريل انڪوائري ڪميٽي سفارش ڪئي هئي ته جيڪي آفيسر ملوث آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪيس داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻيهر ٽيسٽ ۾ به هڪ منظم طريقي سان پيپر ليڪ ڪيو ويو آهي اسان جي عدالت کي استدعا آهي ته ٽيسٽ ٻيهر ڪرائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.