صحافين جا مسئلا وقت تي حل ڪيا ويندا:احمد شاهه

ڪراچي (رپورٽر  ) سڌ سماءُ ، اقليتي معاملن ۽ سماجي تحفظ واري سنڌ جي نگران وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب  جي 700 ميمبرن جي پلاٽن ۽ ڪلب جي ٻين مسئلن کي فوري حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪپتان نگران وڏي وزير سان ڳالهائيندو ۽ سڌ سماءُ واري کاتي طرفان صحافين جو تربيتي پروگرام به منعقد ڪيو ويندو صحافين لاءِ هن جي آفيس جا دروازا کليل هوندا، جن جي آڏو نوڪرشاهي جون رڪاوٽون موجود نه هونديون ۽ هن سڌ سماءُ واري وزارت جو حلف کڻڻ کانپوءِ سڀ پهريون ملڪ جي قديم ۽ جمهوري، صحافتي آزادي ۽ انساني حقن جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ ڪراچي پريس ڪلب جو دورو ڪري رهيو آهيان، جيڪو هڪ معتبر ادارو آهي، جتان منهنجي لکڻ پڙهڻ ۽ ثقافتي خدمتن جي پهرين تربيت ٿي آهي ۽ هن اها ڳالهه ڪالھ سومر ڏينهن تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون ضرور ٿينديون ۽ چونڊيل نمائندن کي اقتدار منتقل ڪيو ويندو. احمد محمد شاهه چيو هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا واچ ڊاگ آهي، توهان سڌارن جي مقصد لاءِ نشان لڳايو ۽ جن مسئلن جي نشانو بڻايو انهن کي بهتر ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر اسان جي ٽيم جو ڪپتان آهي ۽ اسان کي گهرجي ته سندس ٽيم جي ڪيل ڪم کي ميڊيا جي دوستن جي مدد سان عوام آڏو اجاگر  ڪيو ويندو صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ۽ جلد کان جلد مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن يقين ڏياريو ته سنڌ جي وڏي وزير جي سهڪار ۽ سرپرستي سان صحافين جا مسئلا وقت تي حل ڪيا ويندا.  سڌ سماءُ واري صوبائي وزير چيو ته  اي پي اين ايس جي رهيل بقايا کي ڏيڻ لاءِ صحافين جي ميڊيا ادارن ڏانهن رهيل بقايا جات جي ادائيگي سان مشروط ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.